بيدار مورائي

بيدار مورائي: سندس اصل نالو فتح الدين سومرو آهي. هو 5 فيبروري 1937ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو. 1955ع ۾ مئٽرڪ فائينل جو امتحان ڏنائين ۽ پوءِ استاد مقرر ٿيو. هن وقت رٽائرڊ آهي. گهڻي ادبي ذوق سبب نه صرف ڪتابن جو مطالعو ڪيائين، پر ڪافي ڪتاب به لکيائين. کيس سٺي نثر نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. هو دادوءَ مان شايع ٿيندڙ رسالي ”اصلاح“ جوچيف ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حقيقي ايمان 1938، روحاني زندگي 1966، حقيقي دوست 1960، ڇوٽڪارو 1961، چوڏهين صدي 1961، عشق جي پوکي 1963، جوڳي جاڳايوس 1965، ڪامياب زندگي 1969، برڪات تبليغ 1968، راهه نجات 1969، دنيا دم گذر 1970، زهريلا ڏنگ 1970، مينگهه ملهار 1971، گنجينئه حيات غفاريه (سوانح 1974)، سجاڳيءَ جو سڏ 1981، سُتا اُٿي جاڳ 1982، عشق حبيب 1980، دين جو درد 1981، رڻ ۾ ريهون 1983، زهر ڀري زندگي 1984، دهل وڄي، دوسو مڙي 1984، ديدار بازي 1984، حضرت سهڻا سائين (سوانح ٻه ڀاڱا 86-1985، غنچئهِ غفاريه 1988، بهار بخشيه 1989، تحفته الطاهرين 1991، دوکي جي ديوار 1993، ظلم جي زنجير 1995، حقيقي علم 1995، هيڏا هاڃا ٿين 1996، لڪل لعل 1997، ماڻڪ موتي لال 1998، انڌو گهوٽ 1999، آئينو 1999، ڏورينديون ڏس (سفر نامو 1999)، بوستان طاهريه 2002، ملفوظات طاهريه 1996، ڪاملن جو ڪلام 1999، پيغمبر جي پيروي 1999، مڪتوبات نجيشه (سهڻا سائين جا خط 1985)، مقالات طاهريه 2002“ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.02.05  عيسوي

بيدار مورائي: سندس اصل نالو فتح الدين سومرو آهي . هو 5 فيبروري 1937ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راول شهزادو
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
عبدالغني قمبراڻي
پارس عباسي
زرداري مٺا خان
درويش الياس
رامچندر ڀڳت
قاضي عبدالحئي قائل سرشاري
ڄام گل محمد خان سهتو
احمد مجتبيٰ غالب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون